چانڊوڪيون ۽ چيٽ

چانڊوڪيون ۽ چيٽ

چانڊوڪيون ۽ چيٽ

چانڊوڪيون ۽ چيٽ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامور دانشور ۽ قومي اڳواڻ عبدالواحد آريسر جو تحرير ڪيل آهي، جنهن ۾ سندس سياسي سفر جون يادگيريون ۽ نوٽ سهيڙيل آهن. ڪتاب ۾ سياسي نظريي، تاريخي واقعن، ڪردارن، تاريخي شاهدين تي مبني نثري ٽڪرا درج آهن. ڪتاب ۾ وطن سان محبت جي لازوال فڪر کي اهم موضوع طور کنيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ 67 نثري ٽڪرا ڏنل آهن. هن ڪتاب جو نالو شيخ اياز جي نظم ’چمڪيا منهنجي چت ۾ چانڊوڪيون ۽ چيٽتان ورتل آهي. ڪتاب جو سرورق نامور مصور فتاح هاليپوٽي جو ٺهيل آهي. ليکڪ پاران ڪتاب جو انتساب ٽوڙهي ڦاٽڪ جي امر شهيدن ۽ شهيد ڪمال راهمون، شهيد رضا محمد بنگلاڻي، شهيد نور خاتون، شهيد حنا ۽ شهيد ثنا کي ڪيل آهي. ڪتاب جي مهڙ ۾ پبلشر عبدالحڪيم ميمڻ، ’پبلشر چوٻول‘ جي سري سان نوٽ لکيل آهي. ڪتاب جو مهاڳ نامور صحافي ناز سهتي جو لکيل آهي. ڊيمي سائيز ۾ 91 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب ٽوڙهي پبليڪيشن، ڪراچي، سنڌ پاران 1987ع ۾ ڇپيو، جنهن جي سادي ڪاپي جي قيمت 15 روپيا ۽ اوچي ڪاپي جي پنجويهه روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو